سنڌي ورڊنيٽ
(سنڌي ٻولن جي ڳانڍاپي جو خودڪار سرشتو)
سنڌي ٻوليءَ جي انجڻڪاريءَ لاءِ ھڪ بنيادي رٿا، جيڪا سنڌي ٻولن کي خودڪار نموني سان ڳنڍي ۽ انهن جي درست استعمال بابت مصنوعي ذھانت کي دڳ ڏيندي آھي. ھي سرشتو جديد ڪمپيوٽيشنل لسانيات جو ھڪ اھم سرشتو آهي، جيڪو سنڌي ٻولن جي رڳو ڳانڍاپي ئِي نہ پر، انهن جي مفھومن، جنسن، انگن، فعلي صورت ۾ زمانن، گردانن ۽ فطرت آڌار درجابندي پڻ ترتيب ڏيندو آھي. هيءَ رٿا فطري ٻولين جي مشيني سرشت لاءِ بنيادي ڍانچو پڻ مهيا ڪندي آھي، جنھن جي مدد سان سنڌي ٻولن واري ڀنڊار (ڪارپس) ۽ مختلف لغتن سان گڏ خودڪار ترجميڪاريءَ ۾ پڻ سھولت فراھم ڪندو آھي. عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ اندر، ھيءَ رٿا مصنوعي ذھانت جي انيڪ سرشتن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو قد ڪاٺ دائم ۽ قائم رکڻ لاءِ ترتيب ڏني پئي وڃي، تہ جيئن حال ۾ ئي نہ پر ايندڙ وقتن ۾ پڻ مصنوعي ذھانت ۽ روباٽڪس انجنيئرنگ جي ھڙني رٿائن ۾ سنڌي ٻولي پنھنجي قد سان ڪارج ھيٺ شامل ٿيندي رھي.